درياءِ نور

درياءِ نور

درياءِ نور

درياءِ نور: درياءِ نور هڪ هيرو آهي. مغل بادشاهه شاهه جهان جي ٺهرايل مهر جي شڪل جھڙي تاج ۾ ٻه انمول هيرا ڪوهه نور ۽ درياءِ نور مڙهيل هئا. جڏهن نادر شاهه دهليءَ تي حملو ڪيو ته دهلي سلطنت جي سموري دولت لٽڻ کان سواءِ تخت طاؤس به پاڻ سان گڏ کڻائي ويو. نادر شاهه کي دهليءَ مان ڪوهه نور، تاج ماهه ۽ درياءِ نور جھڙا هيرا مليا، جيڪي هن تخت طاؤس مان ڪڍرائي پاڻ وٽ رکيا. جڏهن نادر شاهه قتل ٿيو ته اهي ٽئي ناياب هيرا سندس پوٽي شاهه رخ کي مليا، پر جڏهن احمد شاهه درانيءَ مشهد تي قبضو ڪيو ته ڪوهه نور هيرو پاڻ کنيائين ۽ باقي ٻه هيرا درياءِ نور ۽ تاج ماهه، محمد حسين خان قاچار جي حوالي ڪيائين. درياءِ نور هيرو پهرين ڪريم خان رند وٽ رهيو، پوءِ لطف علي خان جي قبضي ۾ آيو، ان کان پوءِ محمد علي قاچار کانئس ڦريو. محمد علي شاهه قاچار جڏهن ايران مان ڀڄي وڃي روس ۾ پناهه ورتي ته درياءِ نور کي پنهنجي ذاتي ملڪيت ڄاڻايائين، پر جيئن ته اهو ايران جي سلطنت جي امانت هئي، ان ڪري اهو ايران کي واپس مليو ۽ اڄ تائين اتي ئي موجود آهي.


لفظ درياءِ نورھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو